ٽرانسفارمر خراب شهري پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان

مانجهند )رپورٽ مهراڻ عمراڻي(واٽر سپلاء اسڪيم جي سڙيل ٽرانسفارمر  جي هڪ هفتي کان مرمت نه ٿي سگهي جڏھن ته درياء کان ڍنڍ تائين پاڻي پهچائيندڙ موٽر جا اسٽارٽر سڙي وڃڻ سبب  درياء کان ڍنڍ ۽ ڍنڍ کان تلاء تائين پاڻيء پهچائڻ مسئلو بڻجي ويو آھي، واٽر سپلاء جي مقامي ڪچن ملازمن جو چوڻ آھي ته جيڪڏھن اسٽارٽر نه مليا ۽ واٽر جي کوٽائي ڪري پاڻيء گڏ ڪرڻ لاء ڍنڍ کي بند نه ٻَڌا ويا ته نقصان ٿيندو.

Photo Sindhyar

ٻئي طرف شهرين  اعجاز ميمڻ شاهنواز شاه احسان علي ڳنڀير  ۽ ٻين چيو آھي ته هفتي کان واٽر سپلاء جو ٽرانسفارمر سڙيل آھي،پر پبلڪ هيلٿ انتظاميا ٽرانسفارمر مرمت لاء مستري ڏانهن موڪلي روايتي سستي سبب رقم ادا نه ڪري سگهيا آھن جنهن سان  شهري پيئڻَ جي پاڻي جي کوٽ سبب مشڪلاتن ۽ عذاب کي  منهن ڏئي رهيا آھن، اوساري جو ڪم ٺپ ٿي وڃڻ ڪري تغاري تي ڪم ڪندڙ پورهيت هفتي کان بيروزگار ويٺل آھي، رهواسي200 روپين جي عيوض پاڻيءِ جو في ڊرم خريد ڪن ٿا.هنن وڌيڪ چيو ته درياء کان ڍنڍ تائين پاڻي پهچائيندڙ واٽرن جي جلد کان جلد کوٽائي ڪري، ڍنڍ ۾ پاڻي گڏ ڪرڻ لاء بند ٻڌرائي سڙيل اسٽارٽر تبديل ڪري نوان اسٽارٽر ڏئي پاڻي جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي،

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو