ٽرالر موٽر سائيڪل سوار ماءُ ۽ پٽ کي چيڀاٽي ماري ڇڏيو

نوشھروفيروز(ڊ ر) دادو مورو روڊ تي تيز رفتار ٽرالر جو موٽر سائيڪل کي زودار ٽڪر جي نتيجي ۾ موٽر سائيڪل سوار ريشما زال طوطو ڀٽو ۽ سندس اٺن مھينن جو معصوم پٽ ظھير ڀٽو چيڀاٽجي موقعي تي فوت ٿي ويا. اطلاع ملڻ تي حد جي ڪورائي ٿاڻي جي پوليس حادثي واري هنڌ پھچي لاش کڻائي مورو اسپتال آندا جتي ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيا. جڏهن ته لاش گھر پھچڻ تي ڪهرام مچي ويو. هوڏانهن ڪورائي ٿاڻي جي پوليس ٽرالر ڊرائيور فرحادالله کي گرفتار ڪري ورتو آھي ۽ ٽرالر پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو. فوتي ماءُ ۽ پٽ مورو جي ڳوٺ بکر ڀٽو جا رهواسي هئا جيڪي موٽرسائيڪل تي سيوهڻ شريف وڃي رهيا هئا ته اهڙو حادثو پيش آيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو