ٽرالر جي ٽڪر ۾ ڊيوٽي تي ويندڙ انجنيئر فوت، ڊرائيور فرار

اوٻاوڙو (غلام علي رند) ڪمون شھيد لڳ ڳوٺ الهيار چاچڙ جو رهواسي انجنيئر نور محمد چاچڙ  ڏهرڪي ڊيوٽي تي وڃي رهيو هو ته  اوٻاوڙو باءِ پاس وٽ  پنجاب کان ايندڙ تيز رفتار ٽرالر موٽر سائيڪل مٿان  چڙهي ويو جڏهن ته موٽر سائيڪل سوار نور محمد چاچڙ سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو.

Photo Sindhyar

انجنيئر نور محمد چاچڙ زخمن جا سور نه سهندي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو   فوتي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام جڏهن ته ٽرالر ڊرائيور فرار پوليس ٽرالر کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو هوڏانهن پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته فريادي اچڻ بعد ڪيس داخل ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو