ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر پنجاب واسي پيءُ پٽ فوت

راڻيپور(ن س)قومي شاهراهه شاهه جي مشين وٽ تيز رفتار ٽرالر جو ڪار کي ٽڪر لڳڻ جي نتيجي ۾ ڪار سوار پنجاب واسي 28 سالن جو عمير آصف ولد آصف حيات ۽ سندس پٽ ارحان آصف موقعي تي ئي فوت ٿي ويا جڏهن ته هڪ عورت سبران زال عمير آصف زخمي ٿي پئي اطلاع تي پوليس پهچي لاش ۽زخمي کي کڻائي اسپتال پهچايو جتي زخمي عورت جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ ڪري کيس گمبٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي حادثي بعد ٽرالر ڊرائيور فرار ٿي ويو راڻيپور پوليس ٽرالر  پنهنجي تحويل ۾وٺي ڇڏيو آهي جڏهن ته آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو