ٽاپ امريڪي ڊپلوميٽ ايندڙ هفتي چين جو دورو ڪندو

واشنگٽن(ويب ڊيسڪ) امريڪا جو ٽاپ ڊپلوميٽ ايندڙ هفتي چين جو دورو ڪندو ۽ چيني هم منصب نائب پرڏيهي وزير سان ملاقات ڪري ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن  ۽ بعد ۾ بائيڊن ۽ شن جي پنگ جي ملاقات لاءِ راهه هموار ڪندا. امريڪي ڊپٽي پرڏيهي وزير وينڊي  شرمن ايندڙ هفتي چين جي دوري تي پهچي رهي آهي. عالمي خابرو ادارن جو چوڻ آهي ته آمريڪي صدر جو بائيڊن چين بابت پاليسي جوا علان ڪرن کان اڳ چين سان آخري ڀيرو سفارتي رابطو ڪري معاملا طئي ڪرڻ چاهي ٿو. جيڪڏهن هي دورو ڪامياب رهيو ته ان بعد ٻنهي ملڪن جا پرڏيهي وزي ملاقات ڪندا ۽ ان بعد آڪٽوبر ۾ اٽلي ۾ جي 20 جي اجلاس ۾ ٻنهي ملڪن جي صدرن ۾ ملاقات ٿي سگهي ٿي. ايندڙ جمعي تي ايپيڪ جي اجلاس ۾ جو بائيڊن ورچوئل شرڪت ڪندو پر اهو واضح ناهي ته ان دوران هو چيني صدر سان به ڳالهه ٻولهه ڪندو يان نه.

پهنجو تبصرو موڪليو