ڏکڻ افريقا کي شڪست، 207 تي آل آئوٽ، انگلينڊ جي فتح

لنڊن(م ڊ) ڪرڪٽ ورلڊ ڪپ 2019 شروع ٿي ويو آهي ۽ اڄ پهرين ميچ ميزبان انگلينڊ ۽ ڏکڻ افريقا ۾ ٿي، انگلينڊ 311 تي 8 کلاڙي آئوٽ ٿي ويا. ميچ کٽن لاءِ ڏکڻ افريقا کي 312 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو. اوول جي ميدان ۾ کيڏيل ميچ کان اڳ ڏکڻ افريقا جي ڪپتان فاف ڊپلوسي ٽاس کٽي انگلينڊ کي پهرين بيٽنگ جي دعوت ڏني. انگلينڊ جي اوپنرز جيسن راءِ ۽ جوني بيئرسٽو اننگ شروع ڪئي. ڏکڻ افريقا اسپنر عمران طاهر کان پهريون اوور ڪرايو ۽ هن ٻئي بال تي جوني بيئرسٽو کي ڪيپر هٿان ڪيچ آئوٽ ڪري ڪاميابي حاصل ڪري پنهنجي ڪپتان جي توقعات پوري ڪئي. جنهن بعد انگلينڊ محطاط انداز ۾ بيٽنگ شروع ڪئي جيسن راءِ 54، روٽ 51، مورگن 57، سٽوڪس.89، بٽلر 18 ۽ ووڪس 13 رنز ٺاهي پنهنجي ٽيم جي پوزيشن مضبوط ڪئي. جڏهن ته ڏکڻ افريقا جي بالرن مان عمران طاهر 10 اوورز ۾ 61 رنس عيوض 2 وڪيٽون، نجڊي 10 اوورز ۾ 66 رنس تي 3 وڪيٽ، ربادا 10 اوورز ۾ 66 تي 2 وڪيٽون ورتيون. پريٽورس، ڊومني ۽ مرڪرم به بالنگ ڪئي پر کين ڪاميابي نه ملي. هڪ وڪيٽ فيولڪوايو ورتي جنهن 8 اوورز ۾ 44 رنسون ڏنيون. افريقا جو هاشم آملا مٿي ۾ آرچر جو بائونسر لڳڻ سبب زخمي ٿي 5 رنسن تي رٽائر ڪري ويو جڏهن ته ڊي ڪاڪ 68 ۽ مارڪرم 11، ڪپتان فاف ڊوپلوسس 5 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو. ڊومني 8 رنسن تي معين جي بال تي سٽوڪس هٿان ڪيچ ۽ پريٽوريس هڪ رن ٺاهي رن آئوٽ، وين ڊر ڊسن 50 رنسون ۽ فيولڪوايو24 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا. معين ۽ پلنڪٽ مڊل اوورز ۾ ڏکڻ افريقي بيٽسمينن کي پريشان ڪيو ۽ آخر تائين افريقي بيٽسمين پاڻ سنڀاري نه سگهيا. آملا جو چيڪ اپ ٿيو هو بلڪل ٺيڪ آهي ۽ آخر ۾ ٻيهر بيٽنگ لاٰءِ آيو پر ٻوٽو نه ٻاري سگهيو 12 رنسن تي آئوٽ ٿي ويو، عمران طاهر زيرو تي ناٽ آئوٽ رهيو، 39.5 اوور کيڏي سگهيا. سڀاڻي پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز جو ميچ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو