ٽائون ڪاميٽي دوڙ جي ملازمن خاطري بعد هڙتال ختم ڪري ڇڏي

دوڙ)رپورٽ نويد سنڌي) ٽائون ڪاميٽي جي هڙتالي ملازمن ۽ انتظاميا وچ ۾ ڳالھيون ڪامياب، سڀاڻي کان ٽائون ڪاميٽي دوڙ جا سڀ ملازم پنهنجي ڊيوٽيون جوائن ڪندا. پيپلز پارٽي جي ضلعي صدرعلي اڪبر جمالي ۽ ٽائون ڪاميٽي دوڙ جي چئيرمين وسيم افضل راجپوت پاران موڪليل 2 رڪني ڪاميٽي جيڪا غلام حسين ديناري ۽ حاجي وارث لاشاري تي مشتمل هئي، تنهن ملازمن جي نمائندن سان ملاقات ڪري سندن خدشا دورڪرڻ جو اعلان ڪيو. جنهن بعد دوڙ ايمپلائيز يونين جي صدر رميش ڪمار مذاڪراتي ڪاميٽي جي ميمبرن سان گڏ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته ٽائون ڪاميٽي دوڙ جي سڀني ملازمن جا مسئلا جلد حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي ۽ اسين احتجاج ختم ڪريون ٿا. ڪاميٽي جي ميمبرن ملازمن جو شڪريو ادا ڪندي چيوته هنن جيڪو کين مان ڏنو آھي ان لاءِ هو سندن ٿورائتا آهن ۽ جلد سندن ملاقات ٽائون ڪاميٽي جي چيئرمين سان ڪرائي ويندي.  

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو