ٽائون ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ۽ ڌرڻو

پنوعاقل (ن سنڌ يار) مڪاني کاتي جي ملازمن کي حراسان ڪرڻ ۽ ٽائون ملازمن جي پگهارن مان ڪٽوتي خلاف پنوعاقل ٽائون ملازمن جو احتجاج. پنوعاقل پريس ڪلب آڏو ٽائون ملازمن ارشاد خان چاچڙ، امداد جسڪاڻي، جاويد احمد ڪورائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي.ان سلسلي ۾ اڳواڻن چيو ته سن، مانجھند، دادو، راڻيپور، گھوٽڪي سميت جتي به ٽائون ڪاميٽيز جي ملازمن کي پگهارون جاري ناھن ٿيون انھن کي پگھارون ڏئي ملازمن سان انصاف ڪيو وڃي، پگھارون نه ملڻ ڪري ملازمن جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن، اڳواڻن چيو ته ملازمن کي بنا دير پگھارون جاري ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو