ٽائون اسڪيم متاثرين جو پلاٽ ۽ رجسٽريون نه ملڻ خلاف احتجاج

سڪرنڊ (رپورٽ راج ڪمار اوڏ) نيو ٽائون پلاٽنگ اسڪيم سڪرنڊ جي متاثرين پاران پلاٽ ۽ رجسٽريون نه ملڻ خلاف ڪاظمي سينٽر کان قاضي سرفراز ميمڻ چوڪ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.مظاهرين جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل هئا، جن تي پلاٽ ڏيو، اسان سان انصاف ڪيو جا نعره لکيل هئا. مظاهري جي اڳواڻي زاهد شڪور خانزاده، محمد جمن جوڻو، الله بخش سولنگي، سيد بابو شاهه، علي گوهر انڙ، عبدالحميد جٽ، قاري مسعود مھڙ، عثمان مهڙ، ڊاڪٽر علي حسن راجپوت، محمد حسين راجپوت ۽ مجاهد رند ڪري رهيا هئا.ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ ھو ته اسان نيو ٽائون پلاٽنگ اسڪيم سڪرنڊ ۾ گل محمد رند کان پلاٽ خريد ڪيا هئا جن جي مڪمل رقم جمع ڪرائي چڪا آهيون پر پلاٽ ۽  رجسٽريون نٿيون ڏنيون وڃن.هنن چيو ته اسان پنهنجي پيٽ کي تنگي ڏئي ٿورا ٿورا پئسا بچائي پلاٽ خريد ڪيا آهن ته جيئن ٻچن جو اجهو ٺاهي سگهون پر اسان کي صرف آسرا ڏنا وڃن پيا.هنن وزيراعليٰ سنڌ، گورنر سنڌ ۽ ٻين وس وارين اختيارين کا مطالبو ڪندي چيو ته اسان کي پلاٽ ۽ رجسٽريون ڏياريون وڃن جيڪو اسان جو قانوني حق آهي. احتجاجي مظاهري ۾ شريڪ ماڻھن 5 ڏينهن اندر مسئلو حل نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌائڻ  ۽ بک هڙتال تي ويهڻ جو پڻ اعلان ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو