ٽائر ڦاٽڻ سبب ٽرالر ڪلٽي گڏهه گاڏي وارو دٻجي فوت، ڊرائيور فرار

ميرپورماٿيلو(ن س)  قومي شاھراھ تي واپڊا جي گرڊ اسٽيشن ڀرسان اوچتو ٽائير ڦاٽڻ سبب ٽرالر گڏھ گاڏي مٿان ڪلٽي ٿي پيو. گڏھ گاڏي تي سوار 25 سالن جو ارباب محمدنواز موقعي تي فوت ٿي ويو. موٽروي پوليس لاش سول اسپتال ميرپورماٿيلو کڻائي آئي، جتان ضروري ڪاروائي ڪرڻ کانپوء لاش وارث کڻائي ويا. لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. ھوڏانھن ٽرالر ڊائيور ٽرالر ڇڏي فرار ٿي ويو جڏھن ته ميرپورماٿيلو پوليس ٽرالر کي پھنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو