ٻڪري سان بدفعلي جو جرڳو، 50 هزار ڏنڊ، ٻڪري دفن

سرحد (ن س) ڳوٺ حسين ڀيو ۾ ڳوٺاڻا ٻڪري ساڻ ڪري وڏيري وٽ دانهن کڻي آيا ته نوجوان صديق موچي ٻڪري سان بدفعلي ڪئي آهي، جنهن بعد ڳوٺ جي وڏيري ميان مظهر ڀيو جرڳو ڪري نوجوان کي ڪارو قرار ڏئي مٿس 50 هزار رپيا ڏنڊ جي فتويٰ ٻڌائي. جنهن بعد ٻڪري کي ڪهي دفن ڪيو ويو. وڏيري ميان مظهر ڀيو جو چوڻ آهي ته ٻڪري فصل ۾ گهڙڻ تي مٿس تشدد جي دانهن جو هن فيصلو ڪندي ڌرين ۾ ٺاهه ڪرائيندي 50 هزار ڏنڊ لڳايو ويو آهي. علائقي ۾ چوٻول آهن ته ٻڪري سان بدفعلي بابت جرڳو ڪوٺايو ويو هو. ڳوٺاڻن سوال اٿاريو ته فصل ۾ گهرڻ جو 50 هزار ڏنڊ عمر نه ٻڌو آهي، جيڪڏهن ايئن هو ته پوءِ ٻڪري ڪهي دفن ڇو ڪئي وئي. اطلاع بعد پوليس جاچ شروع ڪئي آهي ۽ سندن چوڻ آهي ته پڪو ثبوت مليو ته ڪيس داخل ڪر ي وڏيري کي گرفتار ڪنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو