ٻٽي قتل جي جوابدار کي 2 ڀيرا فاهي ڏيڻ جو حڪم

شهدادڪوٽ(رپورٽ شاهد اعواڻ)ايڊيشنل سيشن جج ۽ ماڊل ڪورٽ جي جج سيد اورنگزيب شاه جي عدالت ٻٽو قتل ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي ٻه ڀيرا ڦاهي، 7 سال قيد ۽ مجموعي طور 12 لک 20هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. شهدادڪوٽ ايڊيشنل سيشن جج ۽ ماڊل ڪورٽ جي جج سيد اورنگزيب شاه جي عدالت جوابدار غلام اصغر عرف فدا حسين مگسي کي ٻٽو قتل ثابت ٿيڻ ۽ غيرقانوني هٿيار رکڻ جو ڏوه ثابت ٿيڻ تي 2ڀيرا ڦاهي، 7سال قيد ۽ مجموعي طور 12لک 20 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي. جوابدار 6 سال اڳ ميروخان ويجهو نوجوان خالد حسين مگسي ۽ مسمات پٽاڻي کي ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو هو جنهن جو ڪيس فوتي جي ڀاء بشير مگسي جي فرياد تي جڏهن ته مسمات پٽاڻي جو سرڪار جي فرياد تي ميروخان ٿاڻي تي ٻه الڳ الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا هئا. جنهن جو ڪيس ماڊل ڪورٽ ۾ هلندڙ هو ماڊل ڪورٽ جوابدار تي نوجوان خالد حسين مگسي جي قتل جو ڏوه ثابت ٿيڻ تي ڦاهي ۽ ڏه لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي وئي جڏهن ته مسمات پٽاڻي جي قتل جو ڏوه ثابت ٿيڻ تي سزا موت ۽ ٻه لک ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ۽ جوابدار وٽ غير قانوني هٿيار هجڻ تي ( 13D ) جي ڏوه ۾ 7 سال قيد ۽ 20 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي جوابدار کي شهدادڪوٽ کان لاڙڪاڻي سينٽر جيل منتقل ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو