ٻيٽن تي وفاقي والار، سومر تي سينيٽ ۾ بحث تي اتفاق

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ جي ٻيٽن تي وفاقي والار ۽ آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس جو سينيٽ ۾ به پڙاڏو، پ پ جي مطالبي تي سينيٽ چيئرمين سومر ڏينهن ٻيٽن جي مامري تي بحث جي اجازت ڏئي ڇڏي، پ پ سينيٽر شيري رحمان پاڪستان آئيلينڊ اٿارٽي آرڊيننس خلاف آواز اٿاريندي چيو ته سنڌ جي عوام سوڌو سموريون جماعتون آرڊيننس کي رد ڪري چڪيون آهن، حڪومت طرفان جاري ڪيل آرڊيننس اڃا تائين پارليامينٽ ۾ پيش نه ٿيو آهي، آرڊيننس رد ڪرڻ لاءِ جمع ڪرايل ٺهراءُ تي بحث ڪيو وڃي. جنهن تي چيئرمين صادق سنجراڻي چيو ته سومر تي ان تي بحث ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو