ٻيٽن تي وفاقي والار خلاف ٻيڙي ريلي، قبضو برداشت نه ڪبو

ملير ( رپورٽ شهزادو مستوئي)ملير فشر فورڪ فورم جي سڏ کي ڪراچي سميت سڄي سنڌ بھرپور موٽ ڏيندي هزارين سياسي سماجي ۽ قومپرست پارٽين جا اڳواڻ ۽ ڪارڪن ابراهيم حيدري پهچي ويا ڄاموٽ بندر گاهه کان سوين ٻيڙن م هزارين ماڻهو سوار ٿي احتجاجي ريلي ڪڍي ريلي، پهرين مرحلي، ڏنگي پهتا جٿي، نيوي جي اهلڪارن ڏنگي طرف وڃڻ کان روڪي ڇڏيو جهن کانپوءِ پ پ پي ايس 91  اڳواڻ جان عالم ڄاموٽ جي نيوي اهلڪارن سان ڳالھ ٻولهه بعد ڀنڊاڙ وڃڻ اجازت ڏني وئي، ريلي م ايس ٽي پي چيئرمين قادر مگسي جئي سنڌ محاذ جي خالق جوڻيجو عوامي تحريڪ جي ستار گوپانگ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي زين شاهه اعجاز ساميٽو فشر فورڪ فورم جي چيئرمين محمد علي شاهه سميت هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي،

Boat rally to protest against Federal Govt to annex Islands, Photo Sindhyar

ريلي ڀنڊاڙ پهچي هڪ ڪلاڪ تائين ڌرڻو هنيو ويو، ڏنگي ڀنڊاڙ تي قبضو ڪهن به صورت م قبول ناهي آئرلينڊ سٽي جي اڏاوت سان 25 لک مهاڻا بي روزگار ٿي ويندا، وفاق پهرين تيل ڪوئلي ۽ گيس بجلي تي قبضو ڪري چڪو آهي، هاڻي وڌيڪ سنڌ جا مدني وسيلا ڦرجڻ نه ڏبا، زين شاهه، جيڪڏهن آئيلينڊ سٽي منصوبو نه روڪيو ويو ته ان مان نڪرندڙ خطرناڪ نتيجن ذميوار وفاق ۽ سنڌ حڪومت هوندي. ملير م  فشر فورڪ فورم جي سڏ کي ڌرتيءَ ڌڻين ڀرپور ڏيندي ، ابراهيم حيدري پهچي ويا، ابراهيم حيدري ڄاموٽ بندر گاهه کان سوين ٻيڙن ۽ لانچن ذريعي ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ تائين هزارين ماڻهو سوار ٿي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ريلي ۾ ايس ٽي پي عوامي تحريڪ، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جئي سنڌ محاذ سنڌ عوامي سٿ فورم سميت ڪيترن ئي سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي، ريلي ڄاموٽ بندر گاهه شروع ٿي سامونڊي ٻيٽ ڏنگي وٽ پهتي جتي نيوي جي اهلڪارن ريلي کي ڏنگي طرف وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، ريلي ۾ شريڪ ماڻهن جا ٻيٽن، تي قبضا نامنظور آئيلنڊ سٽي نامنظور جا اُڀ ڏاريندڙ نعرا هڻندا رهيا، ان موقعي پ پ ايم پي اي محمود عالم ڄاموٽ جي ڀاءُ پ پ پي ايس 91 جي صدر جان عالم ڄاموٽ پاران نيوي اهلڪارن ڳالھ ٻولهه بعد ريلي ڀنڊاڙ طرف رواني ٿي  ٻيڙن ۾ سوار نيوي جا اهلڪار ڀنڊاڙ ٻيٽ تائين ريلي جو پيڇو ڪندا رهيا، ريلي، هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ پاڻي جي سفر بعد ڀنڊاڙ ٻيٽ وٽ پهچي وئي جهن سبب ماڻهن جون خوشي ۾ جهمريون، ريلي کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڊاڪٽر قادر مگسي سيد زين شاهه، محمد علي شاهه، سيد خدا ڏنو شاه ستار گوپانگ ٻين چيو ته وفاق پهرين ئي سنڌ جي ذخيرن تيل ڪوئلو ڪيس سميت معدني وسيلن تي قابض آهي ۽ ٻيو رات جي اونداهي ۾صدارتي آرڊيننس ذريعي سنڌ جي ٻيٽن ڏنگي ۽ ڀنڊاڙ تي نئون شهر اڏڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، جيڪا سنڌ جو عوام ڪڏهن به قبول نه ڪندو هنن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي هميشه سنڌ دشمن منصوبا جوڙيندي رهي آهي هنن آئرلينڊ سٽي منصوبي سان 25 لک کان وڌيڪ مهاڻا بيروزگار ٿيندا جهن کي هرگز برداشت نه ڪيو ويندو.

Navy stopped, Rally, Photo Sindhyar

ھنن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان کي هلائڻو آهي ته برابري ۽ سراسري جي بنيادن هلائڻو پوندي هاڻي سنڌي جي وسيلن کي وڌيڪ لٽجڻ نه ڏبو هنن وڌيڪ چيو ته اڄ ريلي نيوي اهلڪارن رستا روڪ ڪري واضع ثبوت ڏيئي ڇڏيو آهي ڏنگي تي اهڙو ڇا ڪجهه هو جو اسان کي هوڏانهن وڃڻ کان روڪيو ويو هنن چيو ته هاڻي اسان پڪ ٿي وئي آهي پ پ سرڪار ٻيٽن جي سوديبازي ۾ مک ڪردار ادا ڪيو آهي، هاڻي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اعلان بدران هيلي ڪاپٽر تي اچي هتي سروي ڪري وڊيو ۽ تصويرن جي شڪل ۾ سنڌ جي 7 ڪروڙ ماڻهن اڳيان واضع ڪري پوندي ٻي صورت ۾ سڄي اسان ريلين ڌرڻن، هڙتالن کان وڌيڪ سخت قدم کنيا ويندا جهن، ذميواري جو سهرو پ پ حڪومت جي سر تي هوندو، ريلي کي پ پ ليڊيز ونگ ملير جي صدر فاطمه مجيد ايس ٽي پي جي مرڪزي اڳواڻ خير محمد مگسي، ايس يو پي مرڪزي اڳواڻ منير مگسي لياقت سومرو اصغر کوسو سنڌ عوامي سٿ فورم جي رياض کيمٽي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو