بيٺل ٽرڪ کي ڊمپر جو ٽڪر 2 ڄڻا ٿڏي تي فوت

ٽنڊوباگو (رپورٽ سھيل سمون) تلهار ويجهو پيرولاشاري وٽ حيدرآباد بدين هائي وي تي تيز رفتار ڊمپر روڊ جي ڀر ۾ بيٺل ٽرڪ کي ٽڪر هنيو هو جنهن جي نتيجي ۾ ٺٽي واسي ٽرڪ ڊرائيور شادي شده 5 ٻارن جو پيء 48 ساله وزير علي ٻٻر سميت 2 ڄڻا فوت ٿي ويا. جڏهن ته ٻئي فوتي جي سڃاڻپ مسلم ٽائون ڪوٽڙي واسي علي خان ولد فضل مالڪ پٺاڻ طور ٿي آهي. پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کي رورل هيلٿ سينٽر تلهار منتقل ڪيو ويو جڏنهن ته هڪ لاش ٽرڪ مين فاٿل هئڻ سبب ريسڪيو آپريشن ڪيو ويو. ٽرڪ ڊرائيور جو لاش ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو