ٻيلي ۾ واڍي جاري، چوپايو مال بند نه ٿيو، نوان پوکيل وڻ تباهه

عادلپور (رپورٽ اسلم مھر) ٻيلي کاتي جا نوان پوکيل وڻ ڀيلجي ويا، سون جي تعداد ۾ چو پايو مال تازو ڄاول ٻٻرن کي لتاڙي ڇڏيو، ٻڪرين ۽ رڍن ڪچڙا وڻ کائي تباهه ڪري ڇڏيا. اڳوڻي ڊي ايف او ضياد الله لغاري جي دور ۾ پوکيل ٻٻرن جا وڻ وڏا ٿي ويا هئا جيڪي ڌنار روزانو تباهه ڪري رهيا آهن. پن چري تي پابندي باوجود ٻيلي کاتي جي راکن جي مبينا  ملي ڀڳت سان ٻيلو تباهه ٿي رهيو آھي ، شڪايتن جي باوجود به ٻيلي کاتي ڪو قدم نه کنيو.

Photo Sindhyar

ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  ته ٻيلي کاتي جي  ملازمن جي  آشيرواد سان سوين مال جا وڳ ڌنار ڪاهي اچن ٿا جنهن سبب وڻ تباهه ٿي رهيا آهن جڏھن ته  ٻيلي کاتي جي مبينا آشيرواد سان ڳاڙهيجا پل لڳ ٻيلي کي باهه ڏئي ساڙي ڪيترائي ٻٻرن جا وڻ وڍجي ويا آھن. جڏھن ته ڌنار ڏينگڙو واھ کي ھٿ سان ڪٽ ھڻي  ٻيلي ۾ پاڻي ڇڏين ٿا ته جيئن گاھ ڦٽي  ان سلسلي ۾ مقامي ماڻھن جو چوڻ آھي ته اگر اسان ڌنارن کي روڪيون ٿا ھو اسان سان  وڙھي پون ٿا ته اسان کي ٻيلي کاتي وارا منع نٿا ڪن توھان ڪير ٿيندا آھيو اسان ھنن کي کير ڏيندا آھيو.

Photo Sindhyar

 ان ڪري اسانکي ڇوٽ مليل آهي. ھنن چيو ته راکن کي ڪيترا ڀيرا چيو ته مال بند ڪرايو ته هو چون ٿا ڌنارن کي جهلي جهلي ٿڪجي پيا آهيون، آفيسرن کي ٻڌايون ٿا پر ڪو به قدم نٿا کڻن. مقامي ماڻهن مطالبو ڪيو ته چو پايو مال بند ڪرايو، ڌنار ڀڄايو ۽ ٻيلو بچايو. ڌنارن خلاف ڪاروائي ڪري  مال ڍڪ تي نيو وڃي تڏهن ٻيلو بچي سگهي ھتان  جي ساڃاهه وند ماڻهن   مطالبو ڪيو آهي ته ڊي ايف او گهوٽڪي فوري طور تي متاثره علائقي جو دورو ڪري مال بند ڪرائي ٻيلو بچائڻ لاءِ اپاءَ وٺي.

پهنجو تبصرو موڪليو