ٻيلي کاتي پاران سانوڻي جي وڻڪاري، مفت چڪيون تقسيم

ٽنڊوباگو(ڄام سھيل سمون) ٻيلي کاتي بدين پاران سانوڻي مند ۾ وڻڪاري مهم شروع، ٽنڊوباگو ۾ ڪئمپ قائم ڪري  15 سئو کان وڌيڪ وڻ مفت ۾ تقسيم ڪيا آهن. فاريسٽ آفيسر رياض صديقي جي اڳواڻي ۾ ٻيلي کاتي جي عملدارن ٽنڊوباگو ۾ سانوڻي مند ۾ وڻ پوکڻ لاءِ ٽنڊوباگو ۾ ھڪ ڏينھن جي ڪئمپ قائم ڪري ماڻهن ۾ 15 سئو کان وڌيڪ مختلف قسم جي وڻن جون چڪيون ماڻهن ۾ مفت تقسيم ڪيون، جڏھن ته ٽنڊوباگو هائر سيڪنڊري اسڪول ۾ ٻيلو کاتو جي ملازمن 5 سئو ٻوٽا پوکي وڻڪاري مهم شروع ڪئي، ان موقعي تي فاريسٽ آفيسر ٻڌايو ته ماڻهن ۾ وڻن پوکڻ جو شعور پيدا ڪرڻ لاءِ مفت ۾ وڻڪاري مهم شروع ڪئي وئي آهي. جيئن ماڻهو وڌ کان وڌ وڻ پوکي ملڪ کي سائو ۽ سرسبز بنائڻ ۾ ساٿ ڏين.

پهنجو تبصرو موڪليو