ٻيلي کاتي جي زمين تي پوکيل فصل ختم ڪرڻ لاءِ آپريشن

ٻيلو شھر(رپورٽ:شعيب الرحمان ميمڻ) ٻيلي کاتي جي زمين تي قبضا ڪري فصل پوکيندڙ خلاف آپريشن ڪري فصل ڀيلائي هر هلائي تباهه ڪيو ويو. پناھ ٻيلو ۽ هڌيراڻي ٻيلو ۾ 300 کان وڌيڪ ايڪڙن جي زمين تي ٿيل قبضا خالي ڪرائڻ لا۽  فاريسٽ کاتي جي ڪنزرويٽر نياز سومرو ؛ ڊي ايف او ٺٽو سجاول حسنين بلوچ ۽ ڊي ايس پي سجاول جي اڳواڻي ۾ ٻيلو سجاول ۽ دڙو  پوليس سان گڏ هڌيراڻي ۽ پناھ ٻيلو ۾ غيرقانوني ٻيلي کاتي جي زمينن ۾ پوکيل فصل ڀيلايا ويا. ٽريڪٽرن ذريعي ڪمند ڪڻڪ ڪيلن سيمت ٻيا پوکيل فصل کيڙي ختم ڪيا ويا زميندارن  هارين ۽ سندن عورتن پاران مزاحمت ڪئي وئي پر  پوليس مزاحمت تي ڪنٽرول ڪري ورتو. ڪچي واري علائقي ۾ پوليس جي وڏي نفري به پهتي زميندار ليهار شودو ۽ پير محمد رانٽو سميت ٻين جا پوکيل فصل ٽريڪٽر گهمائي ختم ڪيا ويا رابطو ڪرڻ تي ڊي ايف او حسنين بلوچ ٻڌايو ته ٻيلي کاتي جي زمينن تي غير قانوني قبضا ڪري زمينون آباد ڪري فصل پوکيا ويا هئا جيڪي آپريشن  ڪري ختم ڪيا ويا آھن ۽ ٻيلن جي زمينن ۾ ٻٻر سميت ٻيا وڻ پوکيا پيا وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو