ٻيلي کاتي جي زمين تان قبضا خالي ڪرايو، ڊي سي

نوابشاهه (ڊ ر)ٻيلي کاتي جي زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ھدايتن کانپوءِ ضلعي شھيد بينظيرآباد ۾ جاري آپريشن جو جائزو وٺڻ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر شھيد بينظيرآباد ابرار احمد جعفر تعلقي قاضي احمد ۽ سڪرنڊ جي مختلف علائقن جو دورو ڪيو ۽ جاري آپريشن جو جائزو ورتو ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ٻيلي کاتي جي آفيسرن کان خالي ڪرايل زمين بابت معلومات پڻ ورتي ڊپٽي ڪمشنر واسطيدار عملدارن کي ھدايت ڪئي ته غير قانوني قبضو ڪندڙن کان خالي ڪرايل  زمينن تي ٻوٽا لڳائڻ جو ڪم شروع ڪيو وڃي ھن روينيو ۽ ٻيلي کاتي جي عملدارن کي سختي سان ھدايت ڪندي چيو ته بغير ڪنھن مت ڀيد زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ جاري آپريشن کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي ھن کين اھا پڻ ھدايت ڪئي ته جيڪو به قبضا خور مزاحمت ڪري ان خلاف سخت قانوني ڪاروائي عمل ۾ آندي وڃي ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته سرڪاري زمينن تان مڪمل قبضا ختم ڪرائڻ تائين آپريشن جاري رھندو بعد ۾ ڊپٽي ڪمشنر پوليو خلاف قومي مھم جي دوران پوليو ٽيمن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ لاءِ ضلعي جي مختلف علائقن جو دورو ڪري ٻارن کي پوليو کان بچاءُ جا ڦڙا پيارڻ بابت والدين کان معلومات ورتي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو