ٻيلي کاتي انتظاميه ۽ آبادگارن ۾ جهيڙو، 2 زخمي، 4 گرفتار

مانجهند (مهراڻ عمراڻي) راڄڙي ٻيلي ۾ ٻيلي کاتي طرفان سرڪل ڪنزرويٽر ظفر علي وساڻ، ڊي ايف او ذيشان ڀنڀرو، آر ايف او خاڻوٺ بيٽ مير حسن شاه فاريسٽر شير علي شاه عبدالجبار جي اڳواڻي ۾ وڏي انگ ۾ پوليس نفري سان ٻيلي جي زمينن تي قبضن خلاف آپريشن لاءِ چڙھائي تي سوين عورتن گهرن مان نڪري  ٽريڪٽرن تي پٿراءَ ڪري شيشا ٽوڙي عملي کي مارڪٽ ۽ پٿراءَ ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ فاريسٽ گارڊ شفيع محمد ميسو ۽ اسلم زخمي ٿي پيا. عورتن جي سخت مزاحمت ڏسي ڊي ايس پي خاڻوٺ علي شير خاصخيلي، ڊي ايس پي آمري يونس روڌناڻي جي اڳواڻي ۾ مختلف ٿاڻن جي پوليس واپس ٿي ٿاڻي تي پهچي وئي جنهن بعد ٻيلي کاتي عملدارن ايس ايس پي ڄامشورو سان رابطو ڪري رينجرز جون 2 ۽  هڪ اينٽي فاريسٽ گارڊن جي گاڏي گهرائي وڌيڪ پوليس نفري کان مدد طلب ڪئي وئي  جڏهن ته خاڻوٺ ٿاڻي تي زخمي شفيع محمد ۽ اسلم جي فرياد تي حملي ۽  مارڪٽ جو ڪيس 15 عورتن سميت 48 ڄڻن تي تي  داخل ڪيو ويو آهي.

ڪيس ۾ گلزار کوسو، بابر، نياز کوسو، امين رانجهو، ارشاد، امام علي سميت 15  عورتن 15 مرد اڻڄاتل شامل آھن. ان سلسلي ۾ آر ايف او مير حسن شاه ٻڌايو ته قبضي خورن وڏي تعداد ۾ عورتون گهرائي عملي کي ڪم ڪرڻ نه ڏنو ۽ ٽريڪٽرن کي نقصان پهچايو جنهن سبب ٽريڪٽرن وارا ٻيهر اچڻ لاءِ تيار ناهن جنهن سبب قبضي ۾ پوکيل فصل ڀيلائي نه سگهيا آھيون باقي رينجرس پوليس جي مدد سان ٻيهر آپريشن جاري رکندي  قبضي خورن جا رکيل 10 موٽر ۽ 4 ٽيوب ويل لٽائي ڇڏيا آھن. هن وڌيڪ چيو ته ڊيوٽي اٽڪاءَ جو وڌيڪ هڪ ڪيس داخل ڪيو ويندو.  هوڏانهن ٻيلي جي آبادگارن ڪيس داخل ٿيڻ خلاف عورتن ٻارڙن سميت انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي آبادگارن ٻڌايو ته هنن وياج تي قرض کڻي فصل پوکيو آھي جنهن ۾ کين زمينون ڇڏڻ لاءِ ھڪ سال جي رعايت ڏني وڃي. رابطو ڪرڻ تي خاڻوٺ پوليس ٻڌايو ته ڪجهه شڪي ماڻھن کي گرفتار ڪيو آھي جنهن جي شناخت ڪرائي ويندي هوڏانهن رينجرس پهچي روڊ کولرائي ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو