ناڪاره ٽيوب ويل مان نڪرندڙ گيس جي ڌپ واري پاڻي ۾ باهه

ڄام نوازعلي (ن س) نئون آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ رئيس جبار خان مري ۾ قائم اسڪارپ جي ناڪارا بڻيل ٽيوب ويل مان گيس ۽ تيل جي ڌپ واري گندي پاڻي ۾ نيٺ باهه لڳي وئي، علائقي ۾ تپش وڌڻ لڳي عوام خوفزده، ضلعي انتظاميا ۽ ٻوٻي آئل فيلڊ وارن چار ڏينهن گذرڻ بعد به ڪو قدم نه کنيو. ڪمشنر بينظيرآباد ۽ ڊي سي سانگهڙ مختيار ڪار ۽ ٻوٻي فيلڊ وارن پنهنجو غير تربيت يافتا نمائندو موڪليو، جن چيو ته هنن وٽ ٽيڪنيڪل اسٽاف ناهي. ضلعي انتظاميا چوي ٿي ٻوٻي فيلڊ وارا ڪجهه ڪن جڌهن ته ڪمپني چوي ٿي ته ٽيوب ويل اسڪارپ جي آهي ۽ ڪمپني جي حد کان واقعو ٻاهر آهي ان ڪري ضلعي انتظاميا اپاءَ وٺي، اهڙي ڪشمڪش ۾ پريشان عوام آهي. مقامي ماڻهن ٻڌايو ته نڪرندڙ پاڻي ۾ گذريل رات باهه لڳي هئي جيڪا اڃا بند نه ٿي آهي. باهه سبب هڪ ڄڻو زخمي آهي جنهن کي سول اسپتال سانگهڙ ۾ داخل ڪيو ويو آهي. مقامي ماڻهن موجب ڪافي عرصي کان خراب پيل ٽيوب ويل مان ٽي ڏينهن اڳ اوچتو جهڳ وارو پاڻي تيز رفتاري سان وهڻ شروع ٿيو جنهن ۾ تيل ۽ گيس جي ڌپ هئي.

مقامي زميندار جبار خان مري جو چوڻ آهي ته بروقت اطلاع  ڊي سي سانگهڙ ۽ او جي ڊي سي ايل انتظاميا  کي ڏنو ليڪن انهن ڪو نوٽيس نه ورتو. هڪ ٻئي مقامي زميندار قربان علي  لسڪاڻي ٻڌايو ته تيوب ويل ٻوٻي فيلڊ جي کوهن جي پاسي ۾ آهي سندن کوهه بند ٿي ويا جنهن سبب فيلڊ انتظاميه  کوهن تي پريشرهنيو جنهن ڪري زمين ڦاٽي ۽ سالن کان بند پيل ٽيوب ويل خود بخود هلڻ شروع ڪيو. هن وزيراعليٰ کي اپيل ڪئي ته هو نوٽيس وٺي علائقي کي وڏي تباهي کان بچايو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو