ٻوهيو کي وسارڻ سنڌ وسارڻ برابر هوندو، ريفرنس ۾ ڀيٽا پيش

نوشهروفيروز(ن سنڌيار)سنڌ جي نامياري قومپرست اڳواڻ سنڌ ساگر پارٽي جي  چيئرمين علامه عزيزالله ٻوهيو جي ياد ۾ تعزيتي ميڙاڪو سنڌ ساگر پارٽي ۽ سنڌي ادبي سنگت شاخ نوشھروفيروز پاران پريس ڪلب نوشھروفيروز ۾ منعقد ڪيو ويو. ميڙاڪي کي صدارتي خطاب ڪندي اسڪالر  پروفيسر  عبدالمجيد مري چيو ته عزيزالله ٻوهيو علم جو درياهه هو جنهن پنهنجي سڄي زندگي قلمي پورهئي لاء وقف ڪري ڇڏي هئي۔ هن چيو ته عزيزالله ٻوهئي جو علمي ۽ قلمي پورهيو اسان لاء وڏو خزانو آھي جنهن مان اسان جو ايندڙ نسل وڏي رهنمائي حاصل ڪري سگهي ٿو۔ بزم روح رهاڻ جي ضلعي صدر اقبال حسين ميمڻ چيو ته عزيزالله ٻوهيو وڏو داناء انسان هيو هو اڄ اسان ۾ جسماني طور موجود ناهي پر سندس يادون همشھ رهنديون۔ آبادگار بورڊ جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ اشفاق  تڳر چيو ته عزيزالله ٻوهيو سڄي زندگي حق ۽ سچ خاطر لڙيو کيس وسارڻ سنڌ کي وسارڻ برابر هوندو۔ سنگت شاخ جي سيڪريٽري ساگر يوسف منگي چيو ته عزيزالله ٻوهيو ديش ڀڳت ۽ سنڌ جو سچو سپوت هيو جنهن جو نظريو اڳ به سنڌ هئي ۽ پوء به سنڌ هئي ۔ پروفيسر عبدالستار ابڙو چيو ته عزيزالله ٻوهيو مولانا عبيدالله سنڌي جي نظرئي جو سچو ۽ آخر تائين نڀائيندڙ شخص هيو جنهن جون يادون ۽ سنڌ سان محبتون ياد رهنديون۔ ان موقعي تي عزيزالله ٻوهيو جو فرزند فيصل ٻوهيو۔ خادم حسين مري۔ اعجاز ممنائي۔ ممتاز ڏنگراچ۔ قاسم اسراڻ۔ معشوق وڳڻ۔ يونس راڄپر۔ عبدالجبار مڱريو۔ عبدالجبار ٻرڙو ۽ ٻين عزيزالله ٻوهيو جي علم۔ ادب۔ سياست تي ويچار ونڊيا۔ پروگرام ۾ دين محمد گهانگهرو لطيف۔ سچل۔ راشد مورائي ۽ زخمي چانڊيو جي شاعري ترنم ۾ ڳائي ويٺلن کي سوڳوار بڻائي ڇڏيو۔

پهنجو تبصرو موڪليو