ٻه اليڪشنز گذري ويون گيس نه ملي، ڳوٺاڻن جو احتجاج

ٺڪراٺو (حضرت گل پٺاڻ) روپهر ۽ مبارڪپور سميت ڪيترن ئي ڳوٺن لاء سوئي سدرن پاران ڏنل گيس اسڪيم گذريل 9 سالن کان رولڙي جي ور چڙهي ويئي آ ، هن اسڪيم جو افتتاح ان وقت ۽ هاڻ  هتان جي چونڊيل ايم اين اي سيد خورشيد شاھ ۽  ايم پي اي ڄام سيف الله خان ڌاريجو جن ڪيو هو، جن 2011 ۾ افتتاح ڪرڻ وقت ٺڪراٺو واسين کي مبارڪون ڏنيون ته اوهان جي ووٽ جو حق اسان اوهان وٽ کڻي آيا آھيون ۽ اوهان کي آئنده به اهڙا کوڙ سارا پراجيڪٽ ڏيندا سين ، پر اهي سڀ ڳالهيون صرف ڳالهيون ئي رهجي ويون ۽ 9 سال گذري وڃڻ بعد به اڃا تائي ٺڪراٺو مبارڪپور ۽ ڀرپاسي جا رهواسي ان اوسيئڙي ۾ آھن ته ڪڏهن ٿو گئس اچي

،.هتان جا رهواسي ڪاٺيون نه هجڻ جي ڪر ي به سخت پريشان آھن ڇو جو ڪاٺيون هتان تمام ڏورانهين  علائقي کان مڏي وارا کڻي اچن ٿا ۽ مهانگي ريٽ ۾ ڪاٺيون کپائي رهيا آھن اڄڪلھ ٺڪراٺو واسي سخت پريشاني کي منهن ڏئي رهيا آھن ، هتان جي رهواسين جو چوڻ آهي ته ڪمند سڄو سال پوکي ان جي حفاظت ڪريون ٿا، دوا ۽ ڀاڻ به وجهون ٿا پوءِ به 200 روپيا مڻ وٺڻ لاءِ شگر ملز وارا تيار ناهن پر ڪاٺيون 400 کان 500 روپيا مڻ وڪرو ٿين ٿيون.  هنن چيو ته 2 الڪيشنز گذري ويون پر گيس نه ملي.

کیٹاگری میں : سنڌ

ٻه اليڪشنز گذري ويون گيس نه ملي، ڳوٺاڻن جو احتجاج” هڪ تبصرو

  1. #جسونت_سنگھ_ڀيل ✍️

    امان عيد تي مايوس نہ ٿجان ………!

    امان جتي بہ هجو،
    خوش هجو آباد هجو ،
    آئون اوهان سان گڏ ناهيان،
    پري بہ ناهيان،
    اوهان جي دلين ۾ آهيان،
    اڪثر مان ٻڌندو آهيان،
    ماڻهن جي واتان،
    تنهنجي ٻڍڙي امان،
    ھر وقت مايوس نظر ايندي آ،
    امان آئون جڏهن ايندو آهيان،
    جڏهن تون مون کي،
    ڀاڪر پائي چمندي آهين،
    سچ پڇين تہ امان منهنجي لاءِ
    سڀ کان وڏي عيد اهيا آهي،
    امان تون وڏي خوش نصيب آهين،
    تنهنجو جوان پٽ ديس
    جي خاطر سرحدن تي سينو تاڻي بيٺل آ ،
    آئون فخر محسوس ڪندو آهيان،
    امان جيڪو جوڌي کي جنم ڏنو آهي.
    امان جيڪڏهن مان هن عيد تي شهيد ٿي وڃان،
    تہ مايوس نہ ٿجان،
    وري اهڙي جوڌي جوان کي جنم ڏئي،
    ان مورچي تي موڪلي ڇڏجا………

پهنجو تبصرو موڪليو