ٻن گاڏين ۾ آمهون سامهون ٽڪر 5 ٻارن سميت 9 زخمي

لکي غلام (شاھ (نثارمنگي) جهان خان پوليس چوڪي سامهون شڪارپور کان حيدرآباد ويندڙ تيز رفتار ڪار جو سامهون کان ايندڙ ڪار سان زوردار ٽڪر ٿي پيو, جنهن جي نتيجي ۾ 5 معصوم ٻارڙن ۽ 4 عورتن سميت 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا. جن ۾ 8 ورهين جي اقصيٰ سيٺار, 5 ورهين جو عبدالله سيٺار, 6 ورهين جي اقرا, 6 مهينن جي يسره, ڏيڍ سال جي عروج ۽ 5 ,ورهين جو صفيع الله سيٺار, 4 عورتون شاهده ڀٽو, ناديه سيٺار, نسرين سيٺار ۽ نائلا ڀٽو, زين سيٺار, محمدعلي ڀٽو, ميهر سومرو ۽ عبدالغفار سيٺار سخت زخمي ٿي پيا, اهڙي اطلاع بعد لکي پوليس ٿڏي تي پهچي زخمين کي کڻائي لکي اسپتال پهچايو, جن کي طبي امداد ڏيڻ بعد ڪجھ زخمين کي نازڪ حالت ۾ سکر نيو ويو

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو