ٻن ڊاڪٽرن سميت 10 ڄڻا ڪورونا وائرس ۾ مبتلا

مورو(ن س) تعلقه اسپتال جي ٻن ڊاڪٽرن سميت 10 ڄڻن جي ڪورونا وائرس جي ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي آهي جن ۾ ڊاڪٽر محمد يوسف نول ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ ٻرڙو ۽ ٻيا شامل آهن جن کي پنهنجي گهرن ۾ آئيسوليٽ ڪيو ويو آھي ان سلسلي ۾ فوڪل پرسن ڊاڪٽر عبدالستار ٻلال چيو آهي ته تعلقه اسپتال مورو جي ڊاڪٽرن  عملي ۽ ٻين 20 ماڻهن جون ڪرونا وائرس جون ٽيسٽون ڪرايون ويون جن مان ٻن ڊاڪٽرن  محمد يوسف نول ۽ غلام  مصطفيٰ ٻرڙو سميت ڏهن ڄڻن جي ڪرونا وائرس جي ٽيسٽ پازيٽو اچي وئي آهي جن کي پنهنجن گهرن ۾ 15 ڏينهن لاءِ آئسوليٽ ڪيو ويو آهي هن چيو ته تعلقه مورو  ۾ لوڪل ليول تي ڪرونا وائرس وڌندي پئي وڃي ان لاءِ ماڻهو مڪمل احتياط ڪن ۽ ايس او پي تي  عمل ڪن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو