ٻن ٻارن کان وڌيڪ ٻار پيدا ڪرڻ تي سزا جو قانون

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي سڀ کان وڌيڪ آبادي واري رياست اتر پرديش ۾ آبادي جي روڪٿام لاءِ انوکو قانون تجويز ڪيو آهي. پاڪستان جي ڪل آبادي جي برابر يعني 22 ڪروڙ جي آبادي واري اتر پرديش ۾  بل متعارف ڪيو ويو آهي ته بن ٻارن کان وڌيڪ ٻار پيدا ڪندڙ والدين مڪان چونڊن ۾ حصو نه وٺي سگهندا، سرڪاري نوڪري نه ملندي، جيڪڏهن اڳ ۾ سرڪاري ملازم آهي ته پروموشن نه ملندو ۽ سرڪاري رعايتن جو حقدار به نه هوندو. انساني حقن جي تنظيمن جو چوڻ آهي ته ٻن ٻارن جي پابندي واري پاليسي سبب ٻيا سماجي مسئلا جنم وٺندا. برصغير جيان هن رياست ۾ به پٽ جي اولاد جي چڪر ۾ عورتن کي ڪيترائي ٻار ڪيرائڻا پوندا. اتر پرديش ۾ ڳڀجڻ جي شرح 4.82 سيڪڙو مان گهٽجي 2.7 ٿي چڪي آهي ان ڪري هن پاليسي جو نقصان ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو