ٻن موٽر سائڪلن ۾ ٽڪر سبب 3 ڄڻا زخمي

غوثپور(عبدالنبي ملڪ) ٻن موٽر سائيڪلن ۾ آمهون سامهون ٽڪر سبب ٽي ڄڻا زخمي ٿي پيا.ڳوٺ خاوند بخش بھلڪاڻي جا رھواسي شاھ نواز ۽عورت گلزادي بھلڪاڻي شهر کان واپس ڳوٺ اچي رھيا ھئا ته سامهون ايندڙ ڳوٺ ڪمال مگسي جو رھواسي غلام سرور نندواڻي پنهنجي ڳوٺ کان غوثپور شهر اچي رهيو هو ته تيزرفتاري سبب ٻنهي موٽر سائيڪلن جو آمھون سامھون زوردار ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ ھڪ عورت سميت 3 ئي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن کي ڳوٺاڻن کڻائي شهر جي سرڪاري اسپتال آندو جتي ڊاڪٽرن زخمين کي فوري طبي علاج ڏنو پيو وڃي زخمين مان غلام سرور نندواڻي جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ ڪري ڊاڪٽرن وڌيڪ علاج لاءِ لاڙڪاڻي جي اسپتال ڏانهن منتقل ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته حادثي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو