ٻن عدالتن پاران ڌار ڌار ڪيسن ۾ جوابدارن کي سزائون

شهدادڪوٽ(ن س) شهر جي ماڊل ڪورٽ ۾ قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران جج شاهد علي ميمڻ جي عدالت جوابدار مطيع الله کهاوڙ تي سندس گهرواري زرينه جي قتل جو ڏوه ثابت ٿيڻ تي سزاء موت ۽ 10 لک روپين جي سزا ٻڌائي، ڏنڊ جي رقم مقتولا عورت جي وارثن حوالي ڪئي ويندي  ۽ جوابدار کي مليل موت جي سزا بابت  7 ڏينهن اندر اپيل ڪرڻ جو پڻ حق ڏنو آهي ، جوابدار مطيع الله کهاوڙ 7سال اڳ شهر جي اي سيڪشن ٿاڻي حد فيض الاهي اسڪول ويجهو پنهنجي گهر واري زرينه کي قتل ڪيو هو جنهن جو لاش سندس گهر مان مليو  هو. جنهن جي ڪيس سرڪار جي فرياد تي شهر جي اي سيڪشن ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو ٻڌايو وڃي ٿو ته مقتولا ۽ جوابدار پاڻ ۾ پيار جو پرڻو ڪيو هو ۽ مقتولا ڪراچي جي رهائشي هئي. ٻئي پاسي شهدادڪوٽ جي جوڊيشل ماجسٽريٽ ون عبدالجبار ميتلو جي عدالت قبوسعيد خان ٿاڻي جي حد ۾ 2015 زميني تڪرار تان ٿيل  جهڙي جي ڪيس ۾ ٻن  جوابدارن نظير مگسي ۽ علي اڪبر مگسي کي هڪ ، هڪ سال قيد ۽ 50، 50 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي ، جوابدارن 4 سال اڳ فريادي غوث بخش مگسي کي لٺيون هڻي زخمي ڪيو هو جنهن جي ٻڌڙڻي دوران  اڄ سزا ٻڌائي وئي ، ٻڌائي وڃي پيو ته جوابدار ۽ فريادي پاڻ ۾ ويجها عزيز  ۽ آهن

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو