ٻن ريل حادثن ۾ هڪ فوت هڪ جي ٽنگ ڪٽجي وئي

گهوٽڪي/ سکر(عرفان علي سومرو ، جيرام داس) سرحد ڀرسان قاضي واهه وٽان ريلوي لائين تي ڪراچي کان پنجاب ويندڙ ٽرين مان پير ترڪڻ سبب 25 سالن جو نوجوان صفت علي فوت ٿي ويو.

جنهن جو لاش اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جتان ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. فوت ٿيل نوجوان جو تعلق پنجاب سان ٻڌايو پيو وڃي ***** روهڙي ريلوي اسٽيشن تي ملتان کان ڪراچي ويندڙ ھلندڙ ٽرين مان لھندڙ نوجوان پنجاب جو رھواسي تنوير ريل گاڏي جي ھيٺان اچي سخت زخمي ٿي پيو، نوجوان جي ھڪ ڄنگھه ڪٽجي وئي، زخمي نوجوان کي ريلوي پوليس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سکر سول اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو