ٻروچ، ڄاموٽ نه پر جمهوريت ۽ آمريت پسندن جومقابلو آهي

جروار(ن س) 18 جولاءِ تي ٿيندڙقومي اسمبلي جي تڪ 205 تي ننڍي چونڊ مهم دوران مختلف ڳوٺن جي دوري بعد سردارمحمد بخش خان مهر ۽ مير بابرعلي خان لنڊ ٻروچ ۽ ڄاموٽ جو فرق ختم ڪرڻ لاء هڪ ٻئي کي پنهنجون ٽوپيون پارايون. پ پ پ اميدوار محمد بخش خان مهر خانپوري ٽوپي بابرعلي خان لنڊ کي پارائي جڏهن ته بابر خان لنڊ ڪنڌ ڪوٽي ٽوپي سردار محمد بخش خان کي پارائي. هنن چيو ته اسان جا مخالف اهو غلط افواهه هلائي رهيا آھن ته ٻروچ ۽ ڄاموٽ جي اليڪشن آھن انهي افواهن کي ختم ڪرڻ لاء اسان هڪ ٻئي کي ٽوپيون پارائي اهو فرق ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيون ٿا اڄ کان پوء  ڪوئي به ٻروچ ڄاموٽ جو فرق نه رهندو ۽ سڀ انسان برابر آھيون. هنن چيو ته هي ٻروچ ۽ ڄاموٽ جي نه پر جمهوريت ۽ آمريت پسندن جو مقابلو آهي

پهنجو تبصرو موڪليو