ٻار پڙهايو، لٽريسي ڊي تي تعليمي جاڳرتا لاءِ ريلي

اسلام ڪوٽ (ن سنڌيار)تعليمي جاڳرتا لاءِ اسلام ڪوٽ ۾ ”لٽريسي ڊي“ جي حوالي سان ٽي اي او ميل پرائمري  رحم علي گرگيز، هيڊ ماسترن پريتم ڪمار، شنڪر لال، امام علي بجير، اقبال فقير، نيتسنگه جي اڳواڻيءَ ۾ اسلام ڪوٽ شھر جي سمورن پرائمري اسڪولن جي استادن ۽ شاگردن ٽي اي او آفيس کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ويئي ريلي ۾ تعليمي داخلا بابت نعريبازي ڪئي ويئي ان موقعي تي ٽي اي او رحم علي گرگيز ۽ استادن ڳالهائيندي چيو تہ تعليم هر ٻار جو بنيادي حق آھي، والدين کي گهرجي تہ پنهنجي هر ٻار کي اسڪول ۾ داخل ڪرائين تعليم سان ئي ماڻهو توڙي ملڪ جي ترقي سلهاڙيل آهي. هنن والدين تي زور ڀريو ته ٻار پڙهايو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو