ٻارڙيءَ جي علاج تان مڙس جي زال کي مارڪٽ

خيرپور(سجاد علي ڪٻر) ڳوٺ جهلوجي ۾ بيمار ڌيءَ کي دوا وٺي ڏيڻ جي مطالبي تي ظالم مڙس پنهنجي گهرواري تي وحشياڻو تشدد ڪري ٻوٿ سڄائي ڇڏيو. متاثره عورت پوپري شيخ پنهنجي مڙس غلام نبي کي چيو ته ننڍڙي معصوم ڌي کي تيز بخار آهي ان کي ڊاڪٽر وٽ وٺي وڃي دوا وٺي ڏي ته ظالم مڙس منهنجي مٿان ڏمرجي پيو ۽ وحشاڻو سخت تشدد ڪندو رهيو جنهن دوران  منهنجي جسم تي ڌڪ لڳڻ سبب ڳوڙها ٺهي ويا آهن ۽ اکين کان به نه ٿي ڏسي سگهان مان انتهائي غريب آهيان منهنجو مڙس ظالم آهي هن اڳ به ڪيترائي ڀيرا منهنجي مٿان تشدد ڪيو آهي هن ايس ايس پي خيرپور سميت ضلعي انتظاميه کان اپيل ڪئي ته  جوابدار خلاف سخت ڪاروائي ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو