ٻارڙن جي حقن جو خيال وقت جي اهم ضرورت آهي

ڀريا سٽي (ن سنڌيار) ٻارڙن جي عالمي ڏينھن جي حوالي سان انٽرنيشنل ھيومن رائيٽس آبزرور ضلعي نوشھرو فيروز طرفان المصطفي اڪيڊمي ڀرياسٽي ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي ان سلسلي  اڳواڻن محمد قاسم جوڻيجو محمد حيدر ۽ محمد حسن جوڻيجو خطاب ڪندي چيو تـ  معاشري ۾ ننڍن ٻارڙن جا بـ وڏن ماڻھن جيترا حق آھن ٻارن کي بـ آزادي تعليم ھنر سميت سماجي برابري ملڻ گھرجي ۽ اها وقت جي ضرورت به آهي. ھنن چيو تـ  ٻارڙن تي غير انساني تشدد ۽ جبري پورھئي خلاف اسان سڀني کي آواز اٿارڻ گھرجي ننڍي عمر ۾ شادي جنسي حراسمينٽ سميت تشدد خلاف اسان سڀني تي اھو فرض ٿو ٿئي تـ نـ صرف پنھنجي پر آسپاس جي غريب مسڪين ۽ بي پھچ ٻارن جو بـ خيال رکون اگر اسان ايئن نـ ڪنداسين تـ پو۽ اسان جا ٻار مستقبل جا انجنيئر ڊاڪٽر ڪيئن بڻجي سگھندا  ھنن وڌيڪ چيو تـ پنھنجي ٻارن سميت آسپاس جي ٻارن کي بھتر مستقبل تعليم ۽ صحت سميت سماجي برابري ڏني وڃي ۽ ان لا۽ انٽرنيشنل ھيومن رائيٽس پاڻ پتوڙي رھي آھي اسان جو ساٿ ڏيو تـ جينئن ٻارڙن کي بـ پنھنجا حق اظھار جي آزادي بھتر تعليم ڏياري سگھون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو