ٻارهين ڏينهن به بجلي بحال نه ٿي، شهري پاڻي لاءِ پريشان

مانجهند(ن س) تعلقي هيڊ ڪواٽر شھر جي بجلي  12 هين ڏينهن به  بحال نه ٿي سگهي جنهن سبب عوام شديد گرمين ۾ بي حال ٿي ويو. طوفان ۾ ڪريل بجلي جي پولن جي بحالي نه ٿيڻ سبب پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ شدت اختيار ڪري وئي. 3000 هزار روپيا ٽينڪرهئڻ سبب غريب پاڻي خريدڻ کان لاچار ٿي ويو. ٽينڪر مان بچيل پاڻي جي پويان ڪولر پاڻي جو ڀرڻ لا۽ شھري توڙي ٻارڙا ڊوڙن ٿا، جڏهن ته 20 هزار کان وڌيڪ آبادي گندن دٻن مان بدبودار پاڻي ڀري واپرائڻ تي مجبور آهي. جنهب سبڀ پيٽ، چمڙي ۽ ڪاري ڪامڻ سميت خطرناڪ بيماريون ڦھلجي رهيون آهن. سنڌو درياهه جي ڪپ تي آباد تاريخي شھر انتظامي نااهلي سبب ٿر کان وڌيڪ سنگين صورتحال کي منهن ڏيڻ لڳو.  شھري روزگار سميت ڪم ڪار ڇڏي صبح کان شام تائين  گڏهه گاڏن، موٽر سائيڪلن ۽ مٿي تي پاڻي جي تلاش ۾ نڪرن ٿا، پاڻي اسڪيم هلائيندڙ پبلڪ هيلٿ عملدار ڪوٽڙي ۾ آفيس ٺاهي وڏي عرصي کان غائب ٿي ويا آهن، پمپنگ اسٽيشن بند آهن پر تيل جي مد ۾ ماهوار لکين روپين جا بل ٺاهي هڙپ ڪيا وڃن ٿا. جڏهن ته چونڊيل نمائندا  ڊي سي ڄامشورو اي سي مختيارڪار ٽائون آفيسر سميت ڪوبه عملدار سار سنڀال لا۽ نه پهتو. مانجهند جي شھرين ديدار ميمڻ، يوسف عمراڻي، لياقت ملاح ۽ ٻين انتظاميا کان گهر ڪئي ته نااهل پبلڪ هيلٿ انتظاميا عملدارن کي هٽائي ايماندار عملو مقرر ڪري پيئڻ جي پاڻي جوبندوبست ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو