ٻارن کي اسڪول ۾ داخل ڪريو، جاڳرتا ريلي

شڪارپور (رپورٽ: عبدالخالق سومرو) سماجي تنظيم ليگل رائيٽس فورم  طرفان داخلا مھم ريلي ڪڍي وئي جتي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول وزيرآباد مھر محلا دايا محلا ملڪ محلا سميت مختلف علائقن کان والدين استادن شاگردن ۽ والدين شرڪت ڪئي. ريلي اسڪول کان ٿيندي مختلف علائقن مان گذرندي لکي چوڪ وٽ پھتي جتي وڏي جلوس جي صورت اختيار ڪري وئي ان موقعي تي ليگل رائيٽس فورم جي زاھد ابڙو صائمه ناز تعلقه ايجوڪيشن آفيس کان عبيدالله مھر وزيرآباد پرائمري اسڪول جي ھيڊ ماستر عبيدالله مھر ڳالھيندي چيو ته ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرايو ھن وقت پاڪستان جي صورتحال انتھائي پوئتي پيل آھي اثر جي سروي رپورٽ مطابق پاڪستان ۾ 2 ڪروڙ 8 لک ٻار اسڪولن کان ٻاھر آھن جيڪي اسڪولن ۾ داخل نه ٿئي سگھيا آھن اڳواڻن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان جي بھتر مستقبل لاءِ پنهنجي نياڻين جي تعليم ۽ ھر ٻار کي اسڪولن ۾ داخل ڪرايو ته جيئن ايندڙ وقت ۾ پنھنجي علائقي جو نالو روشن ڪري سگھون پاڪستان جو آئين جو آرٽيڪل A 25 مطابق ھر ٻار 4 سالن کان 16 سالن تائين تعليم ڏيڻ حڪومت جي ذميواري آهي انڪري اچو ته پنهنجي ٻارن کي سرڪاري اسڪولن ۾ داخل ڪرايون ان موقعي تي ريلي ۾ عبدالوهاب انڙ عبدالوحيد لاڙڪ اياز ناپر ساجد مھر نيڪ محمد انڙ عبدالغفار ميمڻ عبدالرحيم مھر اعجاز مھر ضمير ڪانڌڙو ۽ وڏي تعداد ۾ والدين سميت شاگردن شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو