ٻارن جي ڳالهه تان جهيڙي ۾ ڳورهاري عورت قتل

گهوٽڪي)حميد ڪلادي( بي سيڪشن ٿاڻي جي حد حسين ٻيلي ۾ ٽانوري برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙو لٺين ۽ سروٽن سان حملو، ڳورهاري عورت فوت  هڪ ڄڻو سخت زخمي اسپتال منتقل. فوتي عورت جو ضروري ڪاروائي کانپوء لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. زخمي اعجاز ٽانوري جو سول اسپتال ۾ علاج هلندڙ فوتي عورت جو لاش گهر ۾ پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو هوڏانهن فوتي عورت جي وارثن دلمراد ٽانوري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدارن ياسين، شعبان، ديدار۽ شبير ٽانوري جي ڌر ٻارن جي معمولي ڳاله تان گهر مٿان حملو ڪري ڳورهاري عورت کي لٺيون هڻي قتل ڪري ۽ ٻٽو قتل ڪيو آهي. هوڏانهن بي سيڪشن پوليس جو چوڻ هو ته مارجي ويل عورت جي وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويندو ۽ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو