ٻئي ڏينهن به بارش، نالن جو پاڻي گهرن ۾ داخل، 8 فوت، بجلي بند

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ٻئي ڏينهن به وقفي وقفي سان ڪٿي تيز ته ڪٿي هلڪي بارش جو سلسلو جاري آهي ۽ ڪرنٽ لڳڻ سبب 3 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ ٻن ڏينهن ۾ مرندڙن جو انگ 8 ٿي ويو آهي. بلديه، نيو ڪراچي، سورجاڻي ٽائون، ڪاٺوڙ، ملير، نارٿ ناظم آباد، پاور هائوس چورنگي، اورنگي ٽائون، لياقت آباد، ايف بي ايريا، ڪنواري ڪالوني،  ۽ ابراهيم حيدري سوڌو ٻين علائقن ۾ برسات بعد نالا اُٿلي پيا، مختلف علائقن ۾ ٻئي ڏينهن به ڪجهه علائقن ۾ چيلهه جيڏو ته ڪٿي گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل، حڪومتي ادارا گادي واري شهر ۾ بيٺل برساتي پاڻي نيڪال ڪرڻ ۾ ناڪام، آبادي وارن علائقن ۾ 4 کان 5 فُٽ پاڻي بيٺل آهي.

Photo Twitter

لائنز ايريا جي يوسي 9 ۾ نالو ڀرجي وڃڻ بعد خطرناڪ صورتحال، برسات ۽ نالن جو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿي ويو، بلديه جي مواڇ ڳوٺ ۾ ڪرنٽ لڳڻ سبب 2 پورهيت فوت، مال پڙي ۾ وليد نالي نوجوان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿيو، ٻن ڏينهن ۾ برسات دوران مختلف حادثن ۽ واقعن جي نتيجي ۾ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 8 ٿي ويو آهي، هڪ شهري پاران برسات دوران پاڻي ۾ بيهي وڊيو ٺاهي وائرل ڪئي وئي آهي،

Photo Screen graab

ان ۾ هو چوي ٿو ته هتي خطرناڪ صورتحال ٿي وئي آهي، نالا اٿلي پيا آهن، حڪومت ڪي به قدم ناهن کنيا، ڪو به جاني نقصان ٿيو ته سنڌ سرڪار ذميوار هوندي. مرتضيٰ وهاب چيو ته ڪينٽونمينٽ وارا ٽيڪس پاڻ وٺن ٿا ۽ مشڪل حالتن ۾ مدد لاءِ شهري حڪومت تي دباءُ وجهن ٿا. ڪجهه علائقن ۾ ڪارون لڙهندي به نظر آيون.

پهنجو تبصرو موڪليو