ٺٽي جي 5 هزار ايڪڙ زمين ڄامشوري ۾ شامل ڪئي وئي، سومرو

ٺٽو (رپورٽ جاويد لطيف ميمڻ)پيپلزپارٽي جو سينئر اڳواڻ اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو  انڪشاف ڪيو آھي تـ نوري آباد کان جھمپير ويندڙ روڊ ڀرسان ٺٽي ضلعي جي ديهه ڪوھستان 7/1 تپو جھمپير جي پنج ھزار ايڪڙ زمين صوبائي حڪومت کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ ضلعي انتظاميه ڄامشوري ضلعي جي روينيو ريڪارڊ ۾ شامل ڪري ڇڏي آهي. جنھن ۾ لينڊ مافيا سان گڏ ٺٽي ضلعي جا روينيو عملدار ۽ سيٽلمينٽ سروي حيدرآباد جا عملدار ملوث آھن! صحافين سان ڳالهائيندي هن دعويٰ ڪئي ته اھا زمين فراڊ ۽ جعلسازي ذريعي مختلف سرمائيدارن کي وڪرو ڪري اربين روپين جي ڪرپشن ڪئي وئي آھي. ياد رھي ته ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو اڳ ۾ بـ ڪوھستان جي 23 ھزار ايڪڙ زمين جا ڪوڙا کاتا سپريم ڪورٽ آف پاڪستان مان رد ڪرائي چڪو آھي. جڏھن ته  ڪوھستان واسي گذريل ٽن سالن کان ان فراڊ بابت احتجاج ڪندي نشاندهي ڪندا پيا اچن پر اڄ تائين ڪو کڙ تيل ناھي نڪتو. ان سموري فراڊ ۾ ڄامشورو توڙي ٺٽي ضلعي سان واسطو رکندڙ روينيو عملدار ملوث آهن. سومرو چيو ته ھن وقت ان زمين تي ڌڙا ڌڙ تعميراتي ڪم ھلندڙ آھن. جيڪا ٺٽي جي روينيو کاتي کي نظر نٿي اچي ڇاڪاڻ ته ھنن پئسا وٺي قابض ڌرين کي سندن خلاف ھاء ڪورٽ ۾ ڪيس ڪرڻ جو مشورو ڏنو ۽ ھاڻي ڪورٽ ۾ ڪيس جا بھانا ڄاڻائي خاموش تماشائي بڻيل آھن.

پهنجو تبصرو موڪليو