ٺيڪيدار پئسا کائي ويو 15 سالن ۾ روڊ نه ٺهيو،احتجاج

ٺڪراٺو( رپورٽر ) ڪيترن ئي ڳوٺن کي ملائيندڙ  ڳوٺ عقل مهر جا روڊ مڪمل تباھ هنڌان ھنڌان اکڙي ويا، وک وک تي کڏا پئجي ويا آهن. رهواسين حضوربخش شيخ، شمن علي مهر، ڪريم بخش مهر، محمد اسلم ، حافظ بشارت مهر، تماچي مهر علي خان  ۽ ٻين ڳوٺاڻن نٽهڻ اُس ۾  احتجاجي مظاهرو ڪندي  چيو ته ڪرپٽ ٺيڪيدار  ضمير انڍڙ 15 سالن کان روڊ تي پٿر وڇائي مٿين آفيسرن سان ملي ڀڳت ڪري ڪاغذن ۾ روڊ مڪمل ڄاڻائي مليل رقم هڙپ ڪري گم ٿي ويو آھي. هنن ٻڌايو ته هي روڊ ڳوٺ شاهن مهر ڳوٺ ٿمي , سمن آباد , تڳيو فقير ڳوٺ حاجي خميسو, ڳوٺ ابڙائو ۽ ٻين ڪيترن ئي ننڍن وڏن ڳوٺن کي پاڻ ۾ ملائڻ جو اهم رستو آھي روڊ خراب هجڻ ڪري ايمرجنسي ۾ شھرن ڏانهن وڃڻ لاء هڪ ڪلاڪ جو سفر  پنج ڪلاڪن ۾ طئي ڪرڻو پوي ٿو، ڪيترائي مريض رستي ۾ دم ڌڻي حوالي ڪري چڪا آھن، برسات پوڻ ڪري سڀني ڳوٺن توڙي شھرن جو ميلاپ ختم ٿي وڃي ٿو. اسان ڪيئي ڀيرا چونڊيل نمائيندن خورشيد شاھ ۽ اڪرام ڌاريجو آڏو رستا روڪ ڪري  دانهون ڪوڪون ۽ احتجاج ڪيا پر هميشه جيان ٺلا آسرا ڏيئي ووٽ وٺڻ کانپوء ڪير لڙي نه آيو آھي. هتان علائقي واسين  نيب , اينٽي ڪرپشن  ۽ اعلئ اختيارين چونڊيل نمائيندن خورشيد احمد شاھ ۽ ڄام اڪرام ڌريجو کان مطالبو ڪندي چيو ته ڪرپشن ڪندڙ  ڪرپٽ ٺيڪيدار خلاف قانوني ڪاروائي ڪري روڊ تعمير ڪرايا وڃن جيئين عوام لاء بهتر سهولتون مهيا ٿي سگهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو