ٺيڪيدارن پارن ڪوئلي جي چوري خلاف مزدورن جو احتجاج

مانجهند(ن س) لاکڙا ڪول فيلڊ جي پاڪستان منرل ڊولپمنٽ ڪارپوريشن ڪوئلا ڪمپني  جي پورهيتن جو  ڪمپني جي ليز بحالي، برطرفين ۽ ڪوئلي چوري خلاف سي بي اي ايمپلائيز يونين جي سڏ تي احتجاجي ريلي ڪڍي نعريبازي ڪري ڪمپني مين گيٽ آڏو ڌرڻو هنيو ويو. ان موقعي تي پورهيت اڳواڻن مدد علي کوسو شاهڏنو کوسو دلبر کوسو پنهل رند  سومر خان رند ڄام خان سميجو ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ ها۽  ڪورٽ جي حڪم تي پي ايم ڊي سي انتظاميا جي طرفان ڪوئلي جي کوٽائي تي بندش هنئين آھي پر بااثر ٺيڪيدار، انڊس ڪول، پوليس ۽ ڊي ايم ڊي سي سان ملي ڀڳت ڪري ڪوئلو زبردستي چوري ڪرائي رهيا آهن، جنهن سان  پي ايم ڊي سي جا هزارين مقامي ملازم ۽ مزدور بيروزگار ٿي ويا آهن پر ٺيڪيدار هر روز هزارين ٽن ڪوئلو چوري ڪري قومي خزاني کي ڪروڙن جو نقصان پهچائي رهيا آهن. هنن وڌيڪ چيو ته معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ھلندڙ آھي، پي ايم ڊي سي جي ليز بحال ڪري ڪوئلي جي چوري بند ڪرائي ملازمن کي فاڪاڪشي کان بچايو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو