ٺل ۾ بدامني ۽ بجلي بندش خلاف ڌار ڌار مظاهرا

ٺل(ن سنڌيار) شهر ۾ ٻه مختلف معاملن تي ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. پهريون مظاهرو جي يو آءِ پاران وڌندڙ بدامني خلاف  ڪيو ويو ۽ ٻيو مظاهرو وارڊ نمبر 4 جي شهرين سيپڪو عملدارن خلاف ڪيو. جميعت علماء اسلام طرفان شهر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري پريس ڪلب اڳيان روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو،جنهن سبب ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ ڪجھ وقت لاء معطل رهي،احتجاجي مظاهري ۾  اڳواڻن ضلعي سالار مير حسن ٻرڙو،مولانا تاج محمد ڀٽي،مولوي سجاد نوناري،عبدالله عباس نوناري خطاب ڪندي چيو ته شهر مان موٽر سائيڪلون  موبائلون ڦر ۽ دڪانن جا تالا ٽوڙڻ جا واقعا عام ٿي ويا آهن ۽  بدامني عروج تي پهچي وئي آهي، اي سيڪشن ٺل پوليس ايس ايڇ  او شهر ۾ ٿيندڙ بدامني جو ذميوار آهي،هنن ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او کي هٽائي ايماندار پوليس آفيسر مقرر ڪريو.ٻئي پاسي شهر جي وارڊ نمبر چار جي رهواسين سيپڪو جي ايس ڊي او ۽ لائين سپرنٽنڊنٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري ٺل ڪنڌڪوٽ روڊ تي ٽائرن کي باهيون ڏئي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو.

Photo Sindhyar

احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي ڪندڙ ضمير قريشي،رياض جمالي، سڪندر دستي،غلام محمد کوسو،اشفاق سرڪي عبدالرسول سرڪي ٻڌايو ته مسلسل ڇهن ڏينهن کان بجلي بند ڪئي وئي آهي،جنهن سبب ننڍڙا ٻار توڙي وڏڙا بيمار ٿي پيا آهيون، سيپڪو اهلڪار هنن مطالبو ڪيو ته ايس ڊي او واپڊا هٽايو وڃي ٻي صورت ۾ اسين سخت احتجاج ڪنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو