شهيد اي ايس آءِ جي سرڪاري اعزاز سان تدفين، 15 گرفتار

ٺل(رپورٽ:عبدالنبي شيخ) اي سيڪشن ٿاڻي جي حد بلوچ ڪالوني ۾ پوليس ۽ ڏوهارين ۾ مقابلو ٿي پيو، اي ايس آئي عبدالرزاق گولو ڏوهارين کي پڪڙڻ لاء اڳتي وڌي رهيو هو ته ڏوهارين فارئرنگ ڪري کيس شهيد ڪيو ۽ فرار ٿي ويا. پوليس اي ايس آئي کي تعلقا اسپتال منتقل ڪيو،

Photo Sindhyar

جتي ڊاڪٽرن سندس شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪئي. هوڏانهن ڏوهارين جو پيڇو ڪندي پوليس اهلڪار سندن جي ڳوٺ عمر خوهي پهتا جتي پوليس جي وڏي نفري طلب ڪئي وئي، واقعي کانپوء ايس ايس پي جيڪب آباد به تعلقه اسپتال ٺل  پهتو جتي شهيد جي شهادت جا تفصيل ورتا،ڊاڪٽرن پاران پوسٽ مارٽم جي تفصيل ڏيندي چيو ته شهيد اي ايس آئي کي ساڄي پاسي کان ٻن گولين لڳڻ جا نشان آهن، ايس ايس پي تعلقه اسپتال کانپوء ڳوٺ عمر خوهي پهتو جتي پهريان کان پوليس جي وڏي نفري ڳوٺ کي ڪڙو چاڙهيون بيٺي هئي، ايس ايس پي شهيد اي ايس آئي عبدالرزاق گولو سان جيڪي اهلڪار گڏ هئا انهن کان تفصيل پڇيو ته اهلڪار سندس کي ٻڌايو ته ڪنڊراڻي ذات جا ڏوهاري هئا جن سان مقابلو ٿيو آهي پڇا ڪرڻ تي سندس جو نالو عباس ۽ ٻيو نامعلوم آهي،جيڪي هن ڳوٺ طرف ڀڄي پهتا ته اسين به پيڇو ڪندي پهتاسين،ايس ايس پي جي حڪم تي ڳوٺ مان عورتن سميت پندرنهن ماڻهن کي شڪ جي بنياد تي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏنهن ته ايس ايس پي ميڊيا آڏو ڳالهائڻ کان بنا ئي روانو ٿي ويو. شهيد اهلڪار جي تدفين ۾ پوليس ۽ رينجرز اهلڪارن شرڪت ڪئي ۽ کيس سلامي ڏيندي سرڪاري اعزاز سان دفنايو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو