ٺل پريس ڪلب تي پوليس چڙهائي خلاف احتجاج

مبارڪپور (ن سنڌيار) مقامي صحافين جو ٺل پريس ڪلب مٿان پوليس چڙهائي خلاف احتجاجي مظاهرو، ايس ايس پي جيڪب آباد کي هٽائڻ جي گهر. قائم مقام صدر بهادر ڀٽو جي اڳواڻي ۾ ساگر مهر، ممتاز ڀٽو، مهر قربان، محمود ڀٽو ، محمد عثمان مھر ۽ ٻين پريس ڪلب ٺل مٿان اي سيڪشن پوليس جي چڙهائي خلاف مسجد چوڪ تي هڪ احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي قلم ڌڻين خطاب ڪندي چيو ته پريس ڪلب اسان صحافين جو گهر آهي جنهن تي پوليس چڙهائي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪجي ٿي، ٺل پوليس جي ايس ايس پي جيڪب آباد طارق نواز  به حمايت ڪندي ايس ايڇ او اي سيڪشن ٺل کي هٽائڻ کان جواب ڏنو، جنهن تي اسان ايس ايس پي جيڪب آباد جي اهڙي عمل جي به مذمت ڪريون ٿا، صحافين  ايس ايس پي جيڪب آباد کي هٽائڻ جي به.گهر ڪئي آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو