ٺل لڳ نوجوان قتل، نئون ڪوٽ ۾ نينگر ٻڏي فوت

ٺل(ن سنڌيار) باگڙ لاڙي وٽ نوجوان اعجاز احمد سومرو پنهنجي گهر وڃي رهيو هو ته نامعلوم هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ نوجوان قتل ٿي ويو، واقعي واري هنڌ ماڻهن جي وڏي رش جمع ٿي وئي وارثن جي پهچڻ تي لاش روڊ تي رکي ڌرڻو هنيو ويو، واقعي واري هنڌ پوليس پهچي خاطري بعد ڌرڻو ختم ڪرايو،وارثن ميڊيا کي ٻڌايو ته ست مهينا اڳ اسان جي گهر ۾ چور گهريا هئا ۽ هڪ چور  اسان جي هٿان مارجي ويو هيو جنهن جي سڃاڻپ ميربحر ذات طور ٿي هئي،اسان کي پورو يقين آهي ته اسان جي نوجوان کي ميربحرن قتل ڪيو آهي. ،اسان جي نوجوان جي ايف آئي آر داخل ڪري قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي،ٻي صورت ۾ اسين سخت احتجاج ڪنداسين. ****هوڏانهن نئون ڪوٽ  مان پيار علي نھڙيو موجب سب ڊويزن نئون ڪوٽ جي مين  ڪينال ۾ 22 ميل موري وٽ  وهنجندي 12 ورهن جو نينگر گل زمان ولد صدر دين خاصخيلي ٻڏي فوت ٿي ويو.

Photo Sindhyar

نينگر جا ڪپڙا واھ جي ڪپ تي ڏسي علائقي واسين واھ ۾ ڳولا ڪئي جنهن جو لاش رڻ شاخ مان مير واٽر وٽان مليو جنهن کي علائقي واسين رورل هيلٿ سينٽر نئون ڪوٽ آندو جتي ڊاڪٽرن فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، اطلاع تي نينگر جي مامي پھچي سڃاڻپ ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو