ٺري ميرواهه واقعي خلاف سنڌ ۾ احتجاج جو سلسلو جاري

ڪراچي (نمائندن وٽان) ٺري ميرواهه ۾ رٽائر استاد پاران ٽيوشن پڙهندڙ ٻارن سان گروپ سيڪس جي ويڊيو وائرل ڪيس خلاف سنڌ جي مختلف شهرن ۾ سياسي ۽ سماجي تنظيمن پاران احتجاج جو سلسلو جاري آهي. خيرپور مان سجاد علي ڪٻر موجب جسقم پاران جنسي ڏاڍائي واقعي ۾ ملوث گروھ جي گرفتاري لاء ٺري ميرواھ ۾ جسقم  جي وائيس چيئرمين امجد مهيسر وڪيل راجا الطاف شر معشوق علي ويسر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ٺري ميرواھ ناڪا چوڪ کان فاضل راهو چوڪ تائين احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي جسقم وائيس چيئرمين امجد مهيسر راجا الطاف حسين شرچيو ته ٺري ميرواھ ۾ پيش آيل واقعي سموري انسانيت جا ڪنڌ شرم سان جهڪائي ڇڏيا آهن هن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏھن ٺري ميرواھ ۾ ٻارن جون ڏاڍائي واريون وڊيو ٺاهيندڙ سموري گروھ کي ٽن  ڏينهن اندر گرفتار نه ڪيو ويو ته جسقم پاران ٺري ميرواھ ۾ شٽر بند هڙتال هڙتال ڪئي ويندي. ****ٽنڊوباگو  مان ڄام سھيل سمون موجب سجاڳ ٻار تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ سريش ڀيل،ضلع بدين جي صدر وشنداس ڪولھي، عوامي تحريڪ تعلقي ٽنڊي باگي جي صدر ارشد زئنور،امر لال ميگهواڙ، سرواڻ ھاليپوٽو،سنجئي ڪولهي، بچل زئور ۽ ارشد زئور جي اڳواڻي ۾  ڪارڪنن جن ۾ ٻارڙا به شامل هئا نٽھڻ اس ۾  بس اسٽاپ کان احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪندا نيشنل پريس ڪلب اڳيان پهتا جتي ڄاڻايل اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته  ٺري ميرواهه ۾ ٿيل انسانيت سوز واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا، سارنگ شر جهڙا بگھڙ هر هنڌ موجود آهن.

Photo Sindhyar

اڳ ۾ به اهڙا ڪيترائي واقعا ٿي چڪا آهن، پر انهن جي خلاف ڪا به قانوني ڪارروائي نٿي ٿئي، ٻارڙن جي حقن لاءِ ٺاهيل ادارا رڳو فنڊ وٺڻ ۽ ڪرپشن ڪرڻ ۾ مصروف عمل آهن، اهڙن واقعن ۾ ملوث جوابدارن کي جيڪڏهن سخت سزا ڏني وڃي ته روز اهڙا واقعا پيش نه اچن، پر سياسي پٺ ڀرائي هجڻ ڪري اهڙن واقعن ۾ ملوث مجرم آساني سان آزاد ٿيو وڃن. هنن مطالبو ڪيو ته ٺري ميرواهه واقعي ۾ ملوث سارنگ شر کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي ته جيئن آئيندا اهڙا واقعا نه ٿين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو