يو سي پکو جي بجيٽ با اثرن جي اڪائونٽ ۾ وڃي ٿي، چيئرمين

پکو(عبدالوحيد ميئو) يوسي خيرپور جوسو جي آفيس عوام کي ڪو لاڀ نه ڏئي سگھي ،عملو غائب، آفيس کي چوويھ ڪلاڪ تالا لڳل، چيئرمين ذاتي ڪمن ۾ مصروف، عوام فوتي ۽ پيدائشي سرٽيفڪيٽن لاءّ پريشان، بلڊنگ جي وارثي نه ٿيڻ سبب ڪرڻ ڪڌيءّ تي پھتل , آفيس جي چوديواري پٽ پئجي وئي , يوسي آفيس کي لوڙھو لڳل , ڪيتري عرصي کان ڪو اجلاس نه ڪوٺايو ويو، ڪائونسلر يوسي جي ڪاروھنوار کان بيخبر بڻيل ، 5 لک روپين جي ماهوار بجٽ ڪوڙا بل ٺاهي هڙپ ڪئي پئي وڃي. يوسي ڪائونسلرن چيئرمين جي اھڙي عمل تي سراپا احتجاج بڻجي ضلعي چيئرمين قمبر اڳيان سخت احتجاج پڻ ڪيو ھو پر تنھن باوجود به چيئرمين خلاف ڪو به ايڪشن نه ٿيو. يوسي چيئرمين رجب علي کچي جو چوڻ آھي ته مان آزاد حيثيت سان چونڊ کٽي آيو آھيان، ضلعي جي بااثرن جون يوسي جي بجيٽ ۾ اکيون آھن مون کي پنھنجي مرضي سان يوسي جو ڪاروھنوار نٿو ھلائڻ ڏنو وڃي، يوسي جي بلڊنگ جي مرمت لاءِ ايندڙ بجيٽ پڻ با اثرن جي اڪائونٽن ۾ وڃي ٿي. ٻئي طرف يوسي جي مختلف ڳوٺن جي رھواسين محمد سليمان کوکر، حاجي محمد عرس مغيري، وقار سامٽيو، خالد چانڊيو، عبدالقادر مغيري، راڻو ڀائي، قاسم چانڊيو، علي گوھر ۽ ٻين چيو ته بلدياتي نظام مان اسان کي ڪو به لاڀ نه ملي سگھيو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو