يوٽيوب تي عدليه خلاف تبصرن جو نوٽيس ۽ توهين عدالت جا معاملا

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ سوشل ميڊيا ۽ يوٽيوب تي اعتراض جوڳي مواد جو نوٽيس وٺي ڇڏيو، پرڏيهي کاتي ۽ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو. جسٽس مشير عالم جي سربرهراهي ۾ 3 رڪني بينچ فرقيواريت جي ڪيس ۾ ملزم جي اپيل جي ٻڌڻي واري ڪيس دوران نوٽيس ورتو. سپريم ڪورٽ يوٽيوب کي به بند ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو ، جسٽس قاضي امين جو چوڻ آهي ته اسان جي ڪارڪردگي ۽ فيصلن تي عوام کي ڳالهائڻ جو پورو حق آهي، آئين ۾ ڏنل اظهار راءِ جو اسين احترام ڪريون ٿا. ڇا ايف آئي ايف ۽ پي ٽي اي ڏٺو آهي ته يوٽيوب تي ڇا ٿي رهيو آهي؟ جسٽس قاضي امين چيو ته گذريل ڏينهن اسان فيصلو ڏنو ۽ اهو يوٽيوب تي شروع ٿي ويو، ججن جي فيمليز بابت شرم جوڳو مواد شيئر ڪيو ٿو وڃي. جسٽس مشير عالم چيو ته ڪيترن ئي ملڪن ۾ يوٽيوب بند آهي، امريڪا ۽ يورپي يونين جي خلاف مواد يوٽيوب تي رکي ڏيکاريو، سپريم ڪورٽ پرڏيهي وزارت ۽ اٽارني جنرل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. عدالت چيو ته هي ‘چاچا’ يوٽيوب تي فوج، عدليه ۽ حڪومت خلاف ماڻهن کي اڪسائين پيا. هوڏانهن چيف جسٽس گلزار احمد جي سربراهي۾ فل بينچ صحافي مطيع الله جان خلاف توهين عدالت جي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ کيس جواب داخل ڪرائڻ لاءِ وڌيڪ وقت ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي. مطيع الله جان کي اڱاري تي پوليس جي سائرن لڳل گاڏي ۾ ڪارن ڪپڙن وارن ڪلاشنڪوف بردارن سان گڏ اغوا ڪيو ويو هو جنهن خلاف سوشل ميڊيا ته ملڪي ۽ پرڏيهي طور وڏو احتجاج ٿيو جنهن بعد کيس رات دير سان آزاد ڪيو ويو هو. ٻئي پاسي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ مطيع الله جان جي ڀاءُ شاهد اڪبر عباسي جي درخواست جي ٻڌڻي دوران چيو ته اها ڪنهن جي همت آهي ته پوليس جي سائرن وارين گاڏين ۽ وردين ۾ ڪنهن کي اغوا ڪيو وڃي. هن چيو ته ان سان سڀني کي ڊيڃاريو ٿو وڃي. هن ڪمشنر۽ڊي آءِ جي کان پڇو ته هي ڇا ٿي رهيو آهي. چيف جسٽس چيو ته صحافي جي اغوا واري ايف آءِ آر ۾ دهشتگردي ٽوڙ قانون وارا قلم ڇو نه شامل ڪيا ويا آهن. بعد ۾ عدالت مطيع الله جان جي واپسي سبب درخواست نمٽائي ڇڏي.

پهنجو تبصرو موڪليو