يوٽيليٽي جي سبسڊي وارو سامان بازار ۾ وڪرو

ملير(درياخان شر) ملير ۾ مهانگائي، يوٽيلٽي اسٽورن جو سامان عام دوڪانن تي وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.گلشن حديد، پپري، رزاق آباد، قائدآباد ۽ ٻين علائقن ۾ عام واهپي جون شيون کنڊ، گيهه، آئل، اٽو ۽ ٻيون شيون چوٽ تي چڙهيل، يوٽيلٽي اسٽورن تان اٽو ۽ کنڊ اڻ لڀ ٿي ويا آهن. يوٽيليٽي اسٽورز جو رعايتي اگهه واريون عام واهپي جي شين گيهه، کاڄرو تيل، داليون، کنڊ ۽ ٻيو سامان شهر جي هول سيل ۽ ريزڪي دڪانن تي وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. رات جي پيٽ ۾ دڪاندارن کي وڪرو ٿيڻ کانپوءِ ضلعي جي ڪنھن به يوٽيلٽي اسٽورن تي کاڌي پيتي جون اهم شيون پتي، داليون، چڻا، کنڊ، اٽو، چانور موجود ئي نه آهن. جنهن سبب عوام کي سستي اگهه واري سرڪاري اعلان مان ڪو به لاڀ ملي نه سگهيو آھي. عبدالرشيد، غازي خان لانگاھ، علي اصغر ميمڻ، عبدالڪريم  ۽ ٻين ٻڌايو ته کين يوٽيلٽي اسٽورن تان کنڊ ۽ اٽو نه ملڻ سبب هنن شهر مان مهانگي اگهه تي شيون  خريد ڪيون آهن. يوٽيلٽي اسٽورن وارا به واپارين سان ملي ويا آهن جو غريبن کي سستيون شيون اعلان باوجود نه ٿيون ملن ان ڏس ۾ يوٽيلٽي اسٽورن وارن جو چوڻ آھي ته کنڊ ۽ اٽو ختم ٿي ويا آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو