يوٽيليٽي اسٽورز تي کاڄرو شين جي اگهن ۾ اوچتو واڌ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت يوٽيلٽي اسٽورز تي به مهانگائي جو سونامي برپا ڪري ڇڏيو، يوٽيلٽي اسٽورز تي عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ اوچتو حد کان وڌيڪ اگهن ۾ واڌ، مختلف برانڊز جا کاڄرو تيل 40 رُپيا في لِٽر مهانگا، گيهه جي اگهن ۾ به 34 رُپين تائين واڌ، خُشڪ کير 10 کان 40 رُپيا ۽ شيمپو سوا چار رُپيا مهانگا ٿي ويا، شھرين پاران وڌايل اگھن کي رد ڪندي چيو ويو آھي تھ اڳ ئي مھانگائي چوٽ چڙھيل آھي، غريب طبقو يوٽيلٽي اسٽورز ڏانھن رخ ڪندو آھي، حڪومت کي گھرجي تھ مھانگائي تي ڪنٽرول ڪيو وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو