يونيورسٽيز ۾ شاگردن سان زيادتين خلاف علامتي بک هڙتال

گهوٽڪي(عرفان علي سومرو)يوٿ ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي سنڌ جي مختلف يونيورسٽين ۾ سنڌي شاگردن سان ٿيندڙ ناانصافين ۽ شاگرد شايان شاهه کي قتل ڪرڻ خلاف سياسي سماجي تنظيمن جي ڪارڪنن جو نصرالله ڪلادي.رشيد سنڌي، ميرحسن لاشاري، جي ايم گھوٽو، آصف علي ملڪ، وقاص ملڪ، اشفاق گھوٽو، وھاب سھتو، اڪرم ٿھيم، ظفر اوڳاھي، امجد منگي، عثمان سومرو، اياز ڪلادي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪئي وئي ان موقعي تي اڳواڻن  ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن اندر انتظاميا طرفان شاگردن سان ٿيندڙ ناانصافين جو سلسلو ڏينهون ڏينهن وڌندو پيو وڃي. اڳواڻن وڌيڪ چيو مهراڻ يونيورسٽي جي شاگرد شايان شاهه جي قاتل يونيورسٽي انتظاميا ۽ ٺيڪيدار ٽرانسپورٽ انتظاميه آھي جنهن مٿان قتل ڪيس داخل ڪيو وڃي. هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته شاگردن جا جائز مطالبا پورا ڪري شاگردن کي بنيادي سهولتون ڏنيون وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو